مصر

ضد ابهام صفحن جي لاءِ معاونت زير نظر مضمون جديد ملڪ تي آهي۔ قديم مصر جي لاءِ اجپٽ ڏسو۔ ٻين استعمالن لاءِ آفريقا جو ملڪ اسلامي ملڪ ڏسو۔ براءِ عرب ملڪ۽ ٻيا استعمال ڏسو۔ براءِ (Egypt (disambiguation ڏسو۔

زمرو:dmy تاريخون استعمالDmy تاريخون استعمال

Flag of مصر
Coat of arms of مصر
جهنڊوقومي نشان
EGY orthographic.svg
گادي جو هنڌ
۽ سڀ کان وڏو شهر
قاھرہ (
دفتري ٻوليون عربي[a]
قومي زبانمصر جي عربي
مقامي آبادي( مصري) Egyptian
حڪومتيونيٽري نيم صدارتي سسٽم
• صدر
عبدالفتاح السيسي
• وزيراعظم
شريف اسماعيل
قانون ساز اسيمبلي

ھائوس آف ريپرزنٽيٽوزمذهب: 90 سيڪڙو اسلام

 * 9 سيڪڙو ارٿوڊوڪس عيسائي
* 1 سيڪڙو ٻيا عيسائي

آزادي جو ڏينهن: 28 فيبروري 1922 (برطانيہ کان)
انقلابي ڏينهن: 23 جولاء 1953
جهمبوريہ : 18 جون 1953 (تي جهمبوري ملڪ ٿيو)
هاڻوڪو آئين: 18 جنوري 2014

پکيڙ: 1010،407،87 چورس ڪلوميٽر يا (309،120،66 چورس ميل)
آبادي
• 2017 تخمینو
سانچو:Data Egypt[1] (13th)
• 2017 مردم شماري
94,798,827[2]
•  گھاٽائي
96 /km2 (248.6 /sq mi) (118th)
ڪل قومي پيداوار (مساوي قوت خرید)2017 تخمینو
• ڪل
$1.173 trillion[3] ( ملڪن جي جي.ڊي.پي. جي فھرست(مساوي قوت خرید)
• في سيڪڙو
$12,560[3] (100th)
جي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2017 تخمینو
• ڪل
$408.045 billion[4] (32nd)
• في سيڪڙو
$4,503[4] ([ ملڪن جي جي.ڊي.پي. فھرست
جیني (2008)30.8[5]
وچولو
ھيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس (2015)Increase2.svg 0.691[6]
وچولو · 111th
ڪرنسيمصري پائونڊ ( £) (EGP)
معياري وقتEET (متناسق عالمی وقت+2[c])
ڊرائیونگ جو پاسوright
ڪالنگ ڪوڊ+20
انٽرنيٽ ڊومين
  • .eg
  • مصر.

عرب جمھوريہ مصر(Listeni/ˈɪpt/ ; عربي ٻولي: مِصر Miṣr, سانچو:Lang-arz Maṣr, سانچو:Lang-cop Khēmi) یا مصر، جمهورية مصر العربية ،ھي ھڪ بين البراعظمي ملڪ آھي. آفريڪا جي اتر اوڀر ۽ ايشيا کنڊ جي سنائی اپٻيٽ علائقي ۾ ھڪ ملڪ آھي۔ مصر جي ايراضي 1،001،450 چورس ڪلو میٽر آھي۔ مصر جي سرحدن کي ڏٺو وڃي ته اولهه ۾ لیبیا، ڏکڻ ۾ سوڊان، اوڀر ۾ ڳاڙهو سمنڊ، اتر اوڀر ۾ فلسظين ۽ اسرائيل، اتر ۾ رومي سمنڊ يا ميڊيٽرينين سمنڊ آهن. مصر دنيا ۾ سڀ کان پھرين قومي رياست بڻجي ڏھ ھزار سال قبل مسيح ۾ ظاهر ٿيو. [7] ھن کي تھذيب جو پينگهو ٻہ چوندا آهن. غزاہ جو قديم قبرستان، اسفنڪس جو بت، ميمفس جا قديم آثار، ٿيبز، ڪرناڪ ۽ بادشاھن جي وادي ھن جي قديم تھذيب جا وڏا مثال آهن. جديد مصر 1922 ۾ برطانيہ کان آزادي ورتي.1952 واري انقلاب سان اھو ريپبلڪ آف ايجپٽ يا مصر بڻيو.1953 کان 1961 تائين شام سان گڏجي يونائيٽيڊ عرب ريپبلڪ بڻيو.1980 ۾ مصر ڪيمپ ڊيوڊ معاھدي ذريعي اسرائيل کي تسليم ڪيو.مصر جي آباديءَ جو سڀ کان وڏو حصو نيل درياء جي ڪنارن سان رھي ٿو. ھن ملڪ جي وڏي ايراضي صحارا رڻپٽ جو حصو آهي.

قديم مصر

مصر ۾ غزه وارو نڪروپولس يا قديم قبرستان جنھن ۾ اھرام واقع آھن آھي دُنيا جي ست عجائبات مان ھڪ آھن

مصري تاريخ جي ابتدا جي اڃا خبر نه پئجي سگهي آهي. ممڪن آهي ته اها 5000 ورهيه ق.م يا اڄ کان ست هزار ورهيه اڳ پيدا ٿي هجي. ’مينيز‘، پهريون فرعون (مصري بادشاهه جو لقب) هو، جو 3000 سال ق.م پهرئين مصري شاهي خاندان جو باني بڻيو. هن مصر جي ننڍين ننڍين حڪومتن کي متحد ڪري هڪ مرڪزي حڪومت جي ماتحت آندو ۽ نيل نديءَ جي ڪيٽيءَ جي سري وٽ ’ميمفـِـس‘ جو شهر ٻڌو.

ميمفس شهر ۾ ھيدر مندر جا آثار.

ميمفس جي ويجهو ”ابوالهول“ جي تعمير به ان قديم ترين زماني ۾ ٿي، جنهن جي تاريخ متعلق ڪا صاف ڳالهه معلوم ڪانهي.

1870 ^ نڪتل اسفنڪس يا ابوالھول جي بت جو ڦوٽو جنھن جو ڪجھ حصو واريءَ ۾ پوريل ٬ھي.
اسفنڪس يا ابوالھول جو بت 2005 ۾ .

هي ڳرو مجسمو جو هنر ۽ فن جو قديم ترين مثال آهي ۽ جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، سو هڪ نـِـهري پٿر مان ٽڪي ٺاهيو ويو آهي. سندس جسم هڪ جـُـهڪي ويهندڙ شينهن جهڙو آهي، پر شڪل يا مـُـنهن انساني اٿس. اهو سج ديوتا جو مجسمو هوٻئي ڪنهن به بادشاهي خاندان اهڙا نمايان آثار پٺيان نه ڇڏيا جهڙا فرعونن جي چوٿين خاندان، جنهن جي حڪمرانن ميمفس جي ويجهو سڀ کان وڏا اَهرام ٺهرايا. ڪـِـي اوپس (بادشاهه) ”احـَـرمِ عظيم“ (Great Pyramid) ٺهرايو، جو هڪ قسم جو پٿرن ۽ سـِـرَن جو جبل آهي، ۽ سڀني پاسن کان بلڪل پوري نموني ۾ چار سؤ پنجاهه فوٽن جي اوچائيءَ تائين ٺهيل آهي. اهي ڪامل معماريءَ جا ڪارناما ڏيکارين ٿا ته مصري علميت اڳيئي اهڙي زماني ۾ پختگيءَ کي پهچي چڪي هئي، جنهن زماني ۾ سڄي يورپ ۾ بربريت جو تسلط هو.جنهن وقت شام جي لاڏائو حملي ڪندڙن مصري دوآبي ۾ ديرو ڄمايو، تنهن وقت اڳيئي اٺ شاهي خاندان ٻيا به گذري چڪا هئا.[8] شامي حملي آورن آهستي آهستي سڄي مصر جي وادي پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ آندي. غير ملڪي (شامي) حڪمرانن کي ”حـِـڪصاص“ يا ”ريڍار بادشاهه“ ڪري ڪوٺيو ويندو هو. جيتوڻيڪ اُهي شروع ۾ غير مهذب هئا، پر جلد ئي هنن مصري ريتون رسمون اختيار ڪيون. حڪصاص بادشاهن جي پنج سئو ورهين جي حڪومت مصـِـري شهزادي اموسـِـس جي بغاوت سان جبراً ختم ٿي. هن مصري شهزادي غير ملڪي حاڪمن کي تڙي ڪڍيو ۽ مـُـلڪ ۾ ارڙهين بادشاهي خاندان جو بنياد رکيو. هن خاندان ۽ ان کان پوءِ ايندڙ خاندان جي ڏينهن ۾ مصر، طاقت جي عـُـروج تي پهتي. صحاريٰ کان وٺي فرات نديءَ تائين مصري فرعونن جو حڪم مڃيو ويندو هو. هنن جي مشهور بادشاهن مان سڀ کان وڌيڪ ناليوارا اڻويهين خاندان جا حاڪم: سيتي پهريون ۽ راميسـِـس ٻيو هئا.

فرعون راميسس 2 جو وڏو بت جيڪو کلي فضا واري عجائب گهر ۾ رکيل آهي.

سيتي، ڳاڙهي سمنڊ کان نيل نديءَ تائين هڪ واهه کوٽائڻ شروع ڪيو، جو مصري تجارت ۽ سامونڊي طاقت جي لاءِ ايتري اهميت رکندڙ هو، جيتري آمريڪا جي لاءِ پاناما واهه. هن واهه جو ڪم راميسـِـس ختم ڪرايو. ان واهه جا قديم آثار اڃا تائين سوئيز واهه جي ويجهو صاف نظر اچن ٿا. راميسس پنهنجي شاندار حڪومت جا سـَـتـَـهٺ ورهيه فوجي مـُـهمن ۽ عوامي ڪمن جي تعمير ۾ صرف ڪيا. ڪئين عظيم مجسما ۽ وڏين عبادتگاهن جا اجڙيل آثار، جي اڃا تائين سلامت آهن ۽ جن جون ڀتيون تصويرن ۽ ڪتبن سان چٽيل آهن، سي راميسـِـس اعظم جي همٿ جون شاهد آهن.مصر جو آخري ناليوارو خاندان ڇويهون خاندان هو، جنهن جو باني ”ساميٽـِـڪُـس“ (Psammetichus) پهريون (سن 663 ق . م) هو. هن آشـُـورِيـُـن کي، (جن مصر کي پنهنجي ملڪ جو هڪ صوبو بنائي ڇڏيو هو) مـُـلڪ مان تڙي ڪڍيو. ساميٽـِـڪس پهريون، پهريون فرعون هو، جنهن غير ملڪي ماڻهن کي مصر ۾ رهڻ ۽ ورسائڻ لاءِ همٿايو. ان تسلسل ۾ دوآبي ۾ يونانين جي هڪ وستي آباد ٿي ۽ يوناني شاگردن مصري مذهبي عالمن کان علم حاصل ڪيو. ان طرح مصر جون کوجنائون ڀونوچ سمنڊ جي ٻين ملڪن ۾ ڦهلجي ويون.[9] ساميٽڪس جي فرزند نـِـيڪو ٻئي پنهنجي پيءُ جي راڄنيتي متي يا پاليسي کي جاري رکيو، پر سندس مدبر حڪومت ملڪ کي رڳو ڪجهه وقت لاءِ زور وٺرايو. مصري لوڪ پنهنجي ترقيءَ جي چوٽيءَ کي پهچي چـُـڪا هئا ۽ آخري دور جا فرعونن جا آزاد خيال، سندس تجويزن مان گهڻو فائدو نه وٺي سگهيا. نيون ۽ وڌيڪ طاقتور قومون اڳين قومن جي جاءِ تي کڙيون ٿيون. پهرين بابلي لوڪن ۽ انهن کان پوءِ ايرانين، مصر کي پنهنجو محڪوم صوبو ڪري رکيو. سڪندراعظم ملڪ کي يوناني حڪومت هيٺ آندو ۽ پهرين صدي عيسويءَ ۾ رومي لوڪن فرعونن جي ملڪ کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ان وقت کان پوءِ مصر ڪنهن به مقامي حاڪم جي حڪومت هيٺ نه رهي آهي.[10]

مذهب، ريتون رسمون ۽ هنر و فن

مصري لوڪ تمام گهڻا مذهبي ماڻهو هئا. سندن قومي زندگيءَ تي مذهب جو راڄ هو، بادشاهه کان وٺي فقير تائين، ملڪ جي زمين جو ٽيون حصو عبادتگاهن جي ملڪيت هئڻ سبب مقدس بڻيل هو. گهر مٽيءَ جا ٺهيل هئا، پر عبادتگاهن کي پٿرن جي پشتي هئي. مصر جي مٿانهين ڀاڱي ۾ قديم شهر ٿيبز جي ويجهو ڪارنـَـڪ جي عبادتگاهه قديم زماني ۾ مذهبي عمارت سازيءَ جو بهترين ۽ اهم ترين نمونو ليکي وڃي ٿي. سندس ڪيترا گول ٿنڀا اڃا تائين سندس قديم آثارن جي زيارت ڪندڙن کي اچرج ۾ وجهن ٿا. مصر ۾ هر هڪ ضلعي کي پنهنجا مڪاني معبود هئا، پر انهن مان ڪن جي سڄي ملڪ ۾ پوڄا ڪئي ويندي هئي. انهن مان مکيه هئا ”راع“ يعني سج ديوتا ۽ ”اوسائـِـي رِس“، جو نيل نديءَ جي نعمتن جو مالڪ هو. اوسائي رس سان گڏ سندس زال ”آءِ سـِـس“ ۽ سندس پٽ ”حورس“ جي به عام طرح پوڄا ڪئي ويندي هئي. مصرين به ٻين ڪيترين قومن وانگر ضرورت محسوس ڪـئي ته پنهنجـن ديوتائن کي،جي قدرتي طاقتن يا غير محسوس خاصيتن (مثلاً: سج ۽ چنڊ، سڦلتا ۽ صحت جا مجسما هئا)، کي ڪا ظاهري شڪل ڏين. تنهنڪري هنن سندن بـُـتَ ٺاهيا، جي ماڻهن وانگر نظر پئي آيا پر سندن مٿا جانورن جهڙا هئا. اڪثر ڪري سندن اعتقاد هو ته ديوتا حقيقت ۾ جانورن جي شڪل وٺي رهن ٿا. اهڙي طرح ”حيوان پرستيءَ“ جو بنياد پيو. مصر ۾ ٻليون، ڪتا ۽ واڳون مقدس ليکيا ويندا هئا. اوسائي رِس جي روح متعلق چيو ويندو هو ته هو هڪ ڍڳي ۾، (جنهن کي ”ايپس“ ڪوٺيندا هئا)، رهندو هو. ”ايپس“ جي پوڄا سندس عمدي عبادتگاهه ۾ ڪئي ويندي هئي. ان ڍڳي جي موت وقت اوسائي رس جو روح (هڪ گابي ۾، جو اُن وقت ڄائو هو) حلول ڪري ويو. [11]سڀني مصرين جو پڪو عقيدو هو ته جسماني موت کان پوءِ سندن روحن کي دنيا ۾ ڪيل بڇڙن يا چڱن ڪمن لاءِ سزا يا اجورو ملندو. صالح روحَ ’اوسائي رس‘ جا دوست ٿي رهندا ۽ بـُـرن روحـَـن کي حيواني جسمن جي ذريعي رلڻو پوندو. جيئن گناهه وڏو تيئن انسان کي بدتر حيوان (جهڙوڪ: سوئر، ڳجهه) جي روپ ۾ رهڻو پوندو. ڪئين هزار سالن جي اهڙي سزا کان پوءِ اهو سزا يافته روح شايد انساني جامو اختيار ڪري.[12]سندن عقيدي موجب، هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ سڀ ارواح پنهنجن انساني جسمن ڏانهن موٽندا. ان کي ”حشر يا قيامت“ جو عقيدو ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن پوين مذهبن، جهڙوڪ: مسيحيت ۽ اسلام ۾ ملي ٿو. مصرين دوائن جي ذريعي لاشا سانڍي رکيا، ان لاءِ ته، جيئن روح پنهنجي اڳئين بدن کي لهي سگهي. ان طريقي سان لاش کي محفوظ رکڻ کي ”موميائي طريقو“ ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ اهڙن لاشن کي ”موميائي لاش“ سڏيو وڃي ٿو، پوين ڪـُـجهه ڏهاڪن ۾ ڪئين هزار اهڙا موميائي لاش لڌا ويا آهن. سيتيءَ پهرئين ۽ راميسـِـس ٻئي جا موميائي لاش قاهره جي عجائب خاني ۾ هينئر به ڏسي سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ انهن بادشاهن جي موت کي ٽن هزار ورهين کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، ته به سندن چَهرا بلڪل صحيح سلامت آهن.[13] مصرين جي عقيدي موجب انتقال ڪيل روح ڪڏهن ڪڏهن انهن ساڳين قبرن ۾ موٽي ايندا آهن، جتي سندن جسم پوريل آهن. انهن روحن کي خوش ڪرڻ لاءِ قبرن جي ٺاهه ٺوهه ۾ گهڻي محنت ڪئي ويندي هئي. نيل نديءَ جي اولهه ۾ جيڪي ٽڪريون آهن، (خاص ڪري قديم ٿيبز جي ويجهو) انهن ۾ لاتعداد قبرون زمين ۾ سرنگهه وانگر کوٽيل آهن. انهن جون ديوارون اڪثر ڪري تصويرن ۽ ڪتبن سان چٽيل آهن، جن ۾ فوتين جي زندگي بيان ٿيل آهي. انهن تصويرن جي ذريعي اڄڪلهه جي عالمن کي قديم مصرين جي اخلاق ۽ رهڻي ڪهڻيءَ متعلق سڀ خبر پئي آهي. اهرام پڻ اصل ۾ سندن بانين جا مقبرا آهن.

شيشو ۽ ڪاغذ

چار هزار ورهيه اڳ مصرين کي شيشي ٺاهڻ جون سڀ تجويزون اينديون هيون. اهي مصنوعي جواهرات ٺاهڻ ۾ به ڀڙ هئا. هيءَ اها صنعت آهي، جنهن ۾ يورپ وارا به هينئر مـَـسَ سندن برابري ڪري سگهيا آهن. مصري، لکڻ لاءِ نيل نديءَ جي ڪناري جي ڀرسان هڪڙي قسم جو گاهه ڄمندو هو، ان گاهه کي (ڪاغذ ڪري) ڪم آڻيندا هئا. يونانين وٽ اهڙي خاص قسم جي شيءِ لاءِ ٻه نالا هئا، پهريون: ”پپائرس“ (Papyrus) ]جنهن مان انگريزي لفظ ”پيپر“ (Paper) نڪتل آهي[ ۽ ٻيو: ”ببلوس“ (Byblos) ]جنهن مان انگريزي لفظ ”بائيبل“، ڪتاب نڪتل آهي[. ”پاپي رس“ مهانگو هو، ان ڪري سهانگا لکڻ جا پترا، جهڙوڪ: ڪاٺ جون پٽيون، ٺڪر جا ڀڳل ٽڪر ڪتب آندا ويندا هئا.[14]

قديم مصري تحرير

نيپولين جي هڪ فوجي کي اسڪندريا (مصر) جي هڪ ڳوٺ الرشيد منجهان هڪ پٿر لڌو جنهن تي قديم مصري تصويري لکت (Pictographic Script) سان گڏ يوناني ۽ هيرو غليفي ۾ عبادت جا ڪي قانون لکيل آهن. اهو پٿر اڄڪلهه برٽش ميوزيم ۾ محفوظ آهي.[15]چيني لکت وانگر مصري لکت به ”نقشي تحرير“ سان شروع ٿي. شين جا نالا سندن سادي تصوير يا نقش ڪڍڻ سان اظهار ڪيا ويندا هئا. مصري پنهنجي تحرير تي، جا واقعي سهڻي هئي، فخر ڪرڻ ۾ پڻ چينين سان مشابهت رکندا هئا. ”پٿراون ڪتبن“ لاءِ هنن قديم ”تصويري تحرير“ جنهن کي ”هيرو غلافي“ (هيرو = مقدس، غلافي = پٿر تي ٽـُـڪيل لکت) ڪوٺيو وڃي ٿو، ان کي جاري رکيو. دستاويزن ۽ واپاري مقصدن لاءِ تصويري تحرير جا مختصر نمونا آهستي آهستي هيرو غلافيءَ جي جڳهه ڀرڻ لڳا، ڇو ته هو تڪڙا لکي پيا سگهجن.[16]

زالن جي حيثيت


مصري زالن کي قاعدي موجب مڙس سان گڏ برابريءَ جا حق حاصل هئا. هو پنهنجي نالي ۾ ملڪيت رکي ٿي سگهيون ۽ خودمختياريءَ سان ان جي سنڀال ڪري ٿي سگهيون. پنجين بادشاهي خاندان جو هڪ شهزادو اخلاقي نصيحتن جي هڪ مجموعي ۾ چوي ٿو: ”جي تون سياڻو آهين ته پنهنجي گهر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪر، پنهنجي زال کي پيار ڪر، سندس عزت ڪر، سندس جسم جي سنڀال ڪر، سندس خواهشون پوريون ڪر، جيستائين تون جيئرو آهين، ڇو ته هوءَ (زال) هڪ نعمت آهي، جيڪا پنهنجي مالڪ لاءِ عزت جو باعث آهي.“ ڪنهن به ٻئي قديم ملڪ ۾ زالن سان اهڙو سٺو ورتاءُ نه ڪيو ويندو هو ۽ نه هنن کي هاڻوڪي زماني تائين مغرب جي مکيه ملڪن ۾ سندن برابريءَ جي حقن جي دعويٰ وري تازي ڪئي وئي.[17]

Other Languages
Аҧсшәа: Мысра
Acèh: Meusé
адыгабзэ: Мысыр
Afrikaans: Egipte
Akan: Igyipt
Alemannisch: Ägypten
አማርኛ: ግብፅ
aragonés: Echipto
Ænglisc: Ægypt
العربية: مصر
ܐܪܡܝܐ: ܡܨܪܝܢ
مصرى: مصر
অসমীয়া: মিছৰ
asturianu: Exiptu
azərbaycanca: Misir
تۆرکجه: میصر
башҡортса: Мысыр
Boarisch: Egyptn
žemaitėška: Egėpts
Bikol Central: Ehipto
беларуская: Егіпет
беларуская (тарашкевіца)‎: Эгіпет
български: Египет
भोजपुरी: मिस्र
Bahasa Banjar: Mesir
bamanankan: Misra
বাংলা: মিশর
བོད་ཡིག: ཨའི་ཅི།
বিষ্ণুপ্রিয়া মণিপুরী: মিশর
brezhoneg: Egipt
bosanski: Egipat
ᨅᨔ ᨕᨘᨁᨗ: Mesir
буряад: Египет
català: Egipte
Chavacano de Zamboanga: Egipto
Mìng-dĕ̤ng-ngṳ̄: Ăi-gĭk
нохчийн: Мисар
Cebuano: Ehipto
Chamoru: Ehiptu
ᏣᎳᎩ: ᎢᏥᏈᎢ
Tsetsêhestâhese: Egypt
کوردی: میسر
qırımtatarca: Mısır
čeština: Egypt
kaszëbsczi: Egipt
словѣньскъ / ⰔⰎⰑⰂⰡⰐⰠⰔⰍⰟ: Єгѷптъ
Cymraeg: Yr Aifft
dansk: Egypten
Deutsch: Ägypten
Zazaki: Mısır
dolnoserbski: Egyptojska
डोटेली: इजिप्ट
ދިވެހިބަސް: މިޞްރު
eʋegbe: Egipte
Ελληνικά: Αίγυπτος
English: Egypt
Esperanto: Egiptio
español: Egipto
eesti: Egiptus
euskara: Egipto
estremeñu: Egitu
فارسی: مصر
suomi: Egypti
Võro: Egüptüs
Na Vosa Vakaviti: Ijipta
føroyskt: Egyptaland
français: Égypte
arpetan: Èg·ipte
Nordfriisk: Egypten
furlan: Egjit
Frysk: Egypte
Gaeilge: An Éigipt
Gagauz: Egipet
贛語: 埃及
Gàidhlig: An Èipheit
galego: Exipto
Avañe'ẽ: Ehíto
गोंयची कोंकणी / Gõychi Konknni: ईजिप्त
ગુજરાતી: ઇજિપ્ત
Gaelg: Yn Egypt
Hausa: Misra
客家語/Hak-kâ-ngî: Âi-khi̍p
Hawaiʻi: ‘Aikupika
עברית: מצרים
हिन्दी: मिस्र
Fiji Hindi: Egypt
hrvatski: Egipat
hornjoserbsce: Egyptowska
Kreyòl ayisyen: Ejip
magyar: Egyiptom
հայերեն: Եգիպտոս
interlingua: Egypto
Bahasa Indonesia: Mesir
Interlingue: Egiptia
Igbo: Egypt
Ilokano: Ehipto
ГӀалгӀай: Мисаре
Ido: Egiptia
íslenska: Egyptaland
italiano: Egitto
日本語: エジプト
Patois: Iijip
la .lojban.: misrygu'e
Basa Jawa: Mesir
ქართული: ეგვიპტე
Qaraqalpaqsha: Mısır
Taqbaylit: Maṣer
Kabɩyɛ: Egipiti
Kongo: Misiri
Gĩkũyũ: Egypt
қазақша: Мысыр
kalaallisut: Egypt
ភាសាខ្មែរ: អេហ៊្សីប
ಕನ್ನಡ: ಈಜಿಪ್ಟ್
한국어: 이집트
कॉशुर / کٲشُر: مِسر
kurdî: Misir
kernowek: Ejyp
Кыргызча: Египет
Latina: Aegyptus
Ladino: Ayifto
Lëtzebuergesch: Egypten
лакку: Мисри
лезги: Мисри
Lingua Franca Nova: Misre
Luganda: Egypt
Limburgs: Egypte
Ligure: Egitto
lumbaart: Egit
lingála: Ejipte
lietuvių: Egiptas
latviešu: Ēģipte
मैथिली: मिस्र
мокшень: Египет
Malagasy: Ejipta
Baso Minangkabau: Masia
македонски: Египет
മലയാളം: ഈജിപ്റ്റ്‌
монгол: Египет
मराठी: इजिप्त
кырык мары: Египет
Bahasa Melayu: Mesir
Malti: Eġittu
မြန်မာဘာသာ: အီဂျစ်နိုင်ငံ
مازِرونی: مصر
Dorerin Naoero: Idjipt
Nāhuatl: Egipto
Napulitano: Naggitto
Plattdüütsch: Ägypten
Nedersaksies: Egypte (laand)
नेपाली: मिश्र
नेपाल भाषा: मिस्र
Nederlands: Egypte (land)
norsk nynorsk: Egypt
norsk: Egypt
Novial: Egiptia
Nouormand: Êgypte
Sesotho sa Leboa: Egypt
occitan: Egipte
Livvinkarjala: Jegiptu
Oromoo: Ijiipti
ଓଡ଼ିଆ: ଇଜିପ୍ଟ
Ирон: Мысыр
ਪੰਜਾਬੀ: ਮਿਸਰ
Kapampangan: Ejiptu
Papiamentu: Egipto
Picard: Édjipe
पालि: ईजिप्ट
Norfuk / Pitkern: Ejiipt
polski: Egipt
Piemontèis: Egit
پنجابی: مصر
Ποντιακά: Αίγυπτος
پښتو: مصر
português: Egito
Runa Simi: Ihiptu
rumantsch: Egipta
Romani: Mêsire
Kirundi: Misiri
română: Egipt
tarandíne: Egitte
русский: Египет
русиньскый: Еґіпет
संस्कृतम्: ईजिप्तदेशः
саха тыла: Эгиипэт
ᱥᱟᱱᱛᱟᱲᱤ: ᱢᱤᱥᱚᱨ
sardu: Egitu
sicilianu: Eggittu
Scots: Egyp
davvisámegiella: Egypta
Sängö: Kâmitâ
srpskohrvatski / српскохрватски: Egipat
සිංහල: ඊජිප්තුව
Simple English: Egypt
slovenčina: Egypt
slovenščina: Egipt
Gagana Samoa: Aikupito
chiShona: Egypt
Soomaaliga: Masar
shqip: Egjipti
српски / srpski: Египат
Sranantongo: Egiptakondre
SiSwati: IGibhithe
Sesotho: Egepeta
Seeltersk: Ägypten
Basa Sunda: Mesir
svenska: Egypten
Kiswahili: Misri
ślůnski: Egipt
தமிழ்: எகிப்து
తెలుగు: ఈజిప్టు
tetun: Ejitu
тоҷикӣ: Миср
Türkmençe: Müsür
Tagalog: Ehipto
Tok Pisin: Ijip
Türkçe: Mısır
Xitsonga: Gibita
татарча/tatarça: Мисыр
chiTumbuka: Egypt
Twi: Misrim
reo tahiti: ’Aifiti
тыва дыл: Египет
удмурт: Египет
ئۇيغۇرچە / Uyghurche: مىسىر
українська: Єгипет
اردو: مصر
oʻzbekcha/ўзбекча: Misr
vèneto: Egito
vepsän kel’: Egipt
Tiếng Việt: Ai Cập
West-Vlams: Egypte
Volapük: Lägüptän
walon: Edjipe
Winaray: Ehipto
Wolof: Isipt
吴语: 埃及
მარგალური: ეგვიპტე
ייִדיש: עגיפטן
Yorùbá: Ẹ́gíptì
Vahcuengh: Aehciz
Zeêuws: Ehypte
中文: 埃及
文言: 密思兒
Bân-lâm-gú: Ai-ki̍p
粵語: 埃及
isiZulu: IGibhithe