سماج

سماج، معاشرو يا سوسائٽي ( انگريزي ٻولي: Society) آباديءَ جو اهو مجموعو آهي، جيڪو قوم جي جوڙجڪ ۽ رياست جو ڍانچو عمل ۾ آڻي ۽ رياستي اختيارين جي ضابطي هيٺ رهي. ڪي سماج خاص جاگرافيائي حدن جي اندر ۽ ڪنهن خاص رياستن جي دائري ۾ هوندا آهن، جڏهن ته ڪي انهن ٻنهي حدبندين کان بالاتر رهن ٿا ۽ مُختلف علائقن ۽ رياستن تائين ڦهليل هُجن ٿا. انساني سماج ۾ ماڻهن جي گروهن جي هڪٻئي سان مُختلف شعبن ۾ واسطيدار هُجڻ ڪري، اهي هڪٻئي تي دارومدار رکن ٿا.

”سُسائٽي“ جو اصطلاح لاطيني ٻوليءَ جي لفظ Societus مان نڪتل آهي، جنهن مان مراد ”دوست، ساٿي ۽ اتحادي“ هُجڻ آهي. ان ڪري ان جو مقصد مُختلف ڌرين ۾ ڀائيچاري ۽ دوستيءَ واري جذبي سان ڪنهن هڪ علائقي ۾ رهڻ وارو آهي. هي اصطلاح سڄي انسان ذات، ڪنهن خاص قوم يا محدود انساني گروهه جي لاءِ هڪ وقت استعمال ڪري سگهبو آهي. انهن مڙني حلقن جي وچ ۾ گڏيل رابطي جو سرشتو، ساڳي زبان، ثقافت،سماجي سهڪار يا حڪومتي تنظيم ڪاريءَ ذريعي جڙندو آهي. ٻين سرشتن وانگر ”سماج“ پنهنجي ميمبرن کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته اهڙيون خواهشون، جن جي تڪميل انفرادي طرح ممڪن نه هُجي، انهن خواهشن کي اجتماعي سهڪار سان پورو ڪن. انهيءَ جستجو ۾ ’سماج‘ جو تصور انساني آباديءَ تي ٻڌل هڪ اهڙي سرشتي جو آهي، جيڪو معاشي، سماجي، سياسي ۽ ٻين گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪري، اها حاصلات ممڪن بڻائي ٿو، جيڪا انفرادي طور تي ممڪن نه هوندي آهي. ’سماج‘ ڀوٽان جي رياست وانگر ڪنهن مخصوص نسلي گروهه تائين محدود ٿي سگهي ٿو، ته اولهه جي سماجن جيان وسيع ثقافتي بُنيادن تي به پکڙجي سگهي ٿو. اهڙي طرح ’سماج‘ جا مقصد مذهبي، ثقافتي، سائنسي، سياسي ۽ وطني وغيره به هُجن ٿا. مُختلف سماجن مان جيڪي سماج معاشي طور اُسريل هُجڻ ڪري سگهارا، امير ۽ بااثر هُجن ٿا، اُنهن کي مُک معاشرا (Core Societies) سڏجي ٿو. اهڙا سماج ٻاهرئين اثر کان پاڪ ۽ خودمختيار هُجن ٿا. ان جي مقابلي ۾ اُهي معاشرا، جيڪي معاشي طور تي ڪمزور يا نٻل هوندا آهن، سي ڌاريي اثر جي هيٺ گهڻو هوندا آهن ۽ کين نيم انحصاري معاشرن (Semi-Peripheral Socities) جي نالي سان سُڃاتو ويندو آهي. [1]

Other Languages
Afrikaans: Gemeenskap
አማርኛ: ኅብረተሰብ
aragonés: Sociedat
العربية: مجتمع
ܐܪܡܝܐ: ܟܢܫܐ
asturianu: Sociedá
azərbaycanca: Cəmiyyət
башҡортса: Йәмғиәт
žemaitėška: Vėsuomenė
беларуская: Грамадства
беларуская (тарашкевіца)‎: Грамадзтва
български: Общество
भोजपुरी: समाज
বাংলা: সমাজ
বিষ্ণুপ্রিয়া মণিপুরী: সমাজ
brezhoneg: Kevredigezh
bosanski: Društvo
буряад: Ниигэм
català: Societat
Mìng-dĕ̤ng-ngṳ̄: Siâ-huôi
нохчийн: Юкъаралла
Cebuano: Katilingban
کوردی: کۆمەڵگە
čeština: Společnost
Чӑвашла: Пĕрлĕх
Cymraeg: Cymdeithas
dansk: Samfund
Ελληνικά: Κοινωνία
English: Society
Esperanto: Socio
español: Sociedad
eesti: Ühiskond
euskara: Gizarte
estremeñu: Sociedá
فارسی: جامعه
Võro: Ütiskund
Nordfriisk: Selskap
galego: Sociedade
Avañe'ẽ: Avano'õ
客家語/Hak-kâ-ngî: Sa-fi
हिन्दी: समाज
Fiji Hindi: Samaj
hrvatski: Društvo
Kreyòl ayisyen: Sosyete
magyar: Társadalom
interlingua: Societate
Bahasa Indonesia: Masyarakat
Igbo: Ȯgbà
Ilokano: Kagimongan
Ido: Socio
íslenska: Þjóðfélag
日本語: 社会
Patois: Sasayati
la .lojban.: remce'u
Basa Jawa: Bebrayan
ქართული: საზოგადოება
қазақша: Қоғам
ភាសាខ្មែរ: សង្គម
ಕನ್ನಡ: ಸಮಾಜ
한국어: 사회
къарачай-малкъар: Джамагъат
Kurdî: Civak
Кыргызча: Коом
Limburgs: Maotsjappie
lietuvių: Visuomenė
latviešu: Sabiedrība
Malagasy: Fiaraha-monina
олык марий: Мер
македонски: Општество
മലയാളം: സമൂഹം
монгол: Нийгэм
Bahasa Melayu: Masyarakat
Mirandés: Sociadade
norsk nynorsk: Samfunn
norsk: Samfunn
occitan: Societat
Livvinkarjala: Yhteskundu
ਪੰਜਾਬੀ: ਸਮਾਜ
Piemontèis: Società
پنجابی: سوسائیٹی
پښتو: ټولنه
português: Sociedade
Runa Simi: Waki
русский: Общество
саха тыла: Дьон-сэргэ
sicilianu: Sucitati
Scots: Society
srpskohrvatski / српскохрватски: Društvo
සිංහල: සමාජය
Simple English: Society
slovenščina: Družba
chiShona: Chita
српски / srpski: Друштво
Kiswahili: Jamii
தமிழ்: சமூகம்
ไทย: สังคม
Tagalog: Lipunan
Türkçe: Toplum
татарча/tatarça: Җәмгыять
українська: Суспільство
اردو: سماج
oʻzbekcha/ўзбекча: Jamiyat
vepsän kel’: Kund
Tiếng Việt: Xã hội
Winaray: Katiringban
吴语: 社會
isiXhosa: Intlalo
მარგალური: ჯარალუა
Yorùbá: Àwùjọ
中文: 社会
Bân-lâm-gú: Siā-hōe
粵語: 社會