بنارس

بنارس يا واراناسي (VARANASI) هندو مت جي ماڻهن لاءِ هڪ پوتر شهر آهي. هيءُ مندرن جو شهر آهي ۽ هندو عقيدي موجب هيءُ ڏاڍو ڀلارو ۽ متبرڪ شهر آهي. جيئن مسلمان مڪي ۽ مديني وڃڻ لاءِ سڪندا آهن ۽ حج ڪرڻ کان پوءِ ”حاجي“ سڏائين ٿا، يا ايران جي شهر قم ۽ مشهد ٿي پاڻ کي ”زوار“ سڏائيندي فخر محسوس ڪن ٿا، تيئن هندو عقيدي موجب بنارس، هردوار ۽ مٿرا جهڙن شهرن زيارت ڪرڻ ضروري آهي. جِتان وهندڙ گنگا ۾ ٽٻي هڻڻ سان هندو عقيدي تحت سمورا پاپَ ڌوپجيو وڃن. هندو عقيدي موجب جنهن جو بنارس ۾ ديهانت ٿئي ٿو، اهو سڌو سرڳ ۾ وڃي ٿو. هندستان جا جيڪي ست پاڪ پوتر شهر سمجھيا وڃن ٿا انهن ۾ سڀ کان ٽاپ تي بنارس آهي. هن شهر جو ورانسي نالو شايد هن شهر مان لنگهندڙ ٻن ندين تان پيو هجي، ورونا (Varuna) ندي جيڪا اڃا هن شهر ورانسي مان وهندي رهي ٿي ۽ ٻي ندي اسي (Assi) آهي. جيڪا هاڻ اسانجي هاڪڙو وانگر نظر نٿي اچي. جيتوڻيڪ اسي گهاٽ وٽ هڪ وهندڙ نالي (Stream) لاءِ هتي جا ماڻهو ان نالي کي اسي ندي سمجھن ٿا. بهرحال اهي ٻئي ننڍيون نديون آهن، جيڪي گنگا نديءَ سان وڃيو ملن. هندن جي ست ڀلارا شهر ”سپتا پوري“ پڻ سڏجن ٿا. سنسڪرت زبان ۾ ”پور“ يا ”پوري“ شهر يا ٽائون کي سڏين ٿا. جيئن شڪارپور، ميرپور، خيرپور وغيره ان جي اڳيان ”سپتا“ معنيٰ ”ست“ هڻڻ سان ٿيو ”ست شهر“. اهي ست شهر هن ريت آهن: آيوڌيا، مٿرا، هريدوار، ورانسي (بنارس يا ڪاشي)، ڪانچيپورم، اوانتي (جيڪو هاڻ اجين ٿو سڏجي) ۽ گجرات جو شهر دوراڪا. اهي شهر تيرٿ ڌام به سڏجن ٿا. تيرٿ سنسڪرت جو لفظ آهي، جيڪو تري مان نڪتو آهي، جنهن جي معنا آهي سڀني گناهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ. اهي سيتاپوري يعني ست پاڪ شهر هندن جي لاءِ مذهبي خيال کان وڏي اهميت رکن ٿا يا جِتي سندن ديوتائن اووتار جي شڪل ۾ جنم ورتو. جيئن مثال طور ايوڌيا لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتي رام جنم ورتو. ڪانچيپورم جيڪو اتي جي ڪامڪشي امان مندر ڪري ڀلارو سمجھيو وڃي ٿو. اهو مندر ماتا ديوي کي منسوب ٿيل آهي. دوارڪا وري ان ڪري ڀاڳن وارو ۽ پوتر سمجھيو وڃي ٿو جو هن شهر ۾ هندن جو ڪرشن ڀڳوان 100 سالَ رَهيو. اهڙي طرح مٿرا آهي، جِتي دوارڪا وڃڻ کان اڳ ڪرشن رهيو ٿي. هردوار ۾ شِو ۽ وشنو ديوتائن جون زيارتون آهن ۽ گنگا ندي جابلو علائقو ٽپي، جيئن ئي ميداني پٽن ۾ داخل ٿئي ٿي ته پهرين هردوار مان لنگهي ٿي. بنارس (ورانسي)، هردوار يا الهه آباد جهڙن شهرن جو مانُ گنگا ندي جي ڪري آهي، جنهن کي هندو ڌرم جا ماڻهو پوڄا جي حد تائين پيار ڪن ٿا ۽ عزت ڏين ٿا. هن شهر بنارس کي ته هندو ڌرم جي گاديءَ جو شهر سمجھيو وڃي ٿو. هِتي هڪ سؤ کان مٿي مندر آهن ۽ هر سال لکين ياتري هِتي گنگا جي پاڻيءَ ۾ اشنان ڪرڻ يا ٽٻي هڻڻ لاءِ اچن ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي هندن جي اها ئي خواهش هوندي آهي ته هنن جو موت هن شهر ۾ ٿئي ۽ هتي ئي سندن چتا کي ساڙي رک گنگا ماتا حوالي ڪيو وڃي.

اجين شهر جيڪو سندس آڳاٽي شهر اوانتي (Avanti) سان به سڏجي ٿو، ۾ ٻارهن جيوتي لنگن مان هڪ لنگ مهاڪليشور مندر ۾ آهي. جيوتي لنگ ”شو ڀڳوان“ جي نشاني سمجھي وڃي ٿي. انهن مان هڪ سومناٿ مندر ۾ به آهي. انهن ڌرمي شين کان سواءِ هي شهر ميلن ۽ گڏجاڻين کان به مشهور آهي. اجئين ۽ هردوار ته کمڀ ميلي کان به مشهور آهي، جيڪو ٻارهن مهينن ۾ هڪ دفعو ٿئي ٿو ۽ انهن ڏينهن ۾ نه فقط انڊيا کان پر ٻاهرن ملڪن کان به ڪيترائي هندو اچيو گڏ ٿين. هتي ۾ سڀ کان گهڻا اشنان گهاٽ آهن. شِو ديوتا هندن جو، خاص ڪري کشترين جو ديوتا چيو وڃي ٿو. شو ديوتا لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته اهو بنيادي طور تي غير آريائي خدا آهي. جنهن جي اڻ آريا پوڄا ڪندا هئا. هندن جي عقيدت موجب ٽن ُمک ديوتائن مان، جيڪي ٽمورتي يا ٽريمورتي به سڏجن ٿا، شِو مهاديو هڪ آهي. اهي ٽي ديوتا هن ريت آهن:

  • 1. برهما ـــ تخليق ڪندڙ،
  • 2. شِو ـــ تباهه ڪندڙ، ۽
  • 3. وشنو ـــ حفاظت ڪندڙ.

سنڌي اديب رام سچانند جوهراڻي جي ڪتاب ”سنڌي سرويچ“ جي مهاڳ ۾ ايل ڪي آڏواڻي لکي ٿو ته: ”ورهاڱي وقت يعني لڏ پلاڻ وقت منهنجي ڏاڏي 80 سالن جي هئي. ڪراچيءَ جو بندرگاه ڇڏڻ مهل هن منهنجي پيءُ کي چيو، ته آئون نٿي ڄاڻان ته ڀڳوان مونکي گهڻا سال جيئرو رکندو، پر مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي جيڪڏهن تون مونکي باقي عمر وراڻسي (بنارس) ۾ وٺي هلندين!“ آڏواڻي صاحب لکي ٿو ته: ”منهنجي پتا خوشيءَ سان هن جي اُها اِڇا قبولي ۽ چئن سالن کان پوءِ سندس پرلوڪ پڌارجڻ کان پوءِ بابا جن بنارس ڇڏي آڌيپور اچي رهيا.


بنارس لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو هڪ آڳاٽو شهر آهي. ائين ته دنيا ۾ انيڪ جھونا شهر ٿي گذريا آهن. ويندي موهن جو دڙو به پراڻو شهر آهي پر اهي يا ڀنڀور ديبل ۽ الوڙ جهڙا شهر هاڻ کنڊر آهن جِتي ڪا آبادي ناهي. بنا شڪ جي بنارس ويدن جي ڏينهن جو شهر آهي. رگ ويد ۾ بنارس کي ڪاشي سڏيو ويو آهي يعني روشنين وارو. بنارس علم، ادب، آرٽ ۽ ڪلچر جو مرڪز هلندو اچي. ڪاشي کنڊ هن شهر جو شان شوڪت پنڌرهن هزار شعرن ۾ ”سڪندا پران“ ۾ بيان ڪيو آهي، جن مان هڪ شعر ۾ شِو ديوتا چوي ٿو ته ٽي دنيائون گڏجي منهنجو هڪ شهر ٺاهين ٿيون جنهن ۾ ڪاشي (بنارس) منهنجي رهائش جو محل آهي. آرڪيالاجي کاتي جي کوجنائن مان خبر پوي ٿي ته هن شهر ۾ ماڻهن جو رهڻ ڪهڻ عيسوي صديءَ کان به يارهن ٻارهن صديون اڳ ٿيو. هي شهر ٽيويهين جين پنڊت پارشوا جو به گهر رهيو. هيءَ اٺـين صدي قبل مسيح جي ڳالهه آهي. بنارس ڪارخانن جو مرڪز به هو ۽ مُسلن، سلڪ، عطر، عاج جي شين ۽ اسڪلپچر کان به مشهور هو. گوتم ٻڌ (ڄم جو سال 567 ق م) جي ڏينهن ۾ هي شهر ڪاشي سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هو. گوتم ٻڌ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ٻڌ ڌرم جي شروعات 528ع ۾ هتي ليڪچر ڏئي شروع ڪئي.

بنارس (Banaras) جيڪو بيناريس (Benares) به سڏجي ٿو ته ورانسي ۽ ڪاشي به سڏجي ٿو. الهه آباد شهر وانگر گنگا ندي جي ڪناري تي اتر پرديش (UP) رياست ۾ آهي. يوپي جي گادي واري شهر لکنو کان 320 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ يعني لکنو کان ايترو پري آهي، جيترو ڪراچي کان نواب شاهه. هندن جي عقيدي مطابق بنارس شِو ديوتا اڏرايو. چون ٿا ته مهاڀارت جا هيرو پانڊوا پنهنجا ڏوهه برهمڻ هتيا ۽ ڀائرن کي مارڻ جا پاپ بخشائڻ لاءِ شِو ديوتا جي ڳولا ۾ هن شهر بنارس ۾ آيا هئا. ياد رهي ته پانڊون اهي ڪم ڪروڪشترا واري لڙائيءَ ۾ ڪيا. جيڪا ڪروڪشترا شهر وٽ لڳي. جيئن ڪراچي شهر ۾ ٻه وڏيون ريلوي اسٽيشنون آهن: ڪراچي ڪئنٽ ۽ ڪراچي سٽيءَ تيئن بنارس شهر ۾ پهچڻ لاءِ به ٻه وڏيون اسٽيشنون آهن: هڪ ورانسي جنڪشن، جيڪو شهر جي وچ ۾ آهي ۽ ٻي اسٽيشن مغل سراءِ جنڪشن جيڪا وچ شهر کان 15 ڪلوميٽر پري گنگا ندي جي ٻي ڪناري تي اوڀر ۾ آهي. ورانسي جي سوامي وويڪانند روڊ تي هڪ سنڌيءَ ريسٽورنٽ پڻ آهي.

چيني مشهور ڀکشو ۽ سفر جو شوقين هيونسانگ يا زئان زنگ (Hsuan Tsang) پڻ هن شهر بنارس ۾ سن 635ع ۾ گهمڻ لاءِ آيو هو. هو پنهنجي سفر جي احوال ۾ بنارس لاءِ لکي ٿو ته هي شهر مذهبي ۽ هنرن ۽ آرٽ جي دنيا جو مرڪز آهي. هي شهر گنگا جي ڪناري تي پنجن ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. ”زئان زنگ“ جيڪو ”چين هوئي“ جي نالي سان به مشهور آهي، هڪ قابل اسڪالر ۽ مترجم پڻ هو. هن سترهن سال انڊيا ۾ گذاريا جنهن جو احوال مختلف زبانن ۾ ڇپجي چڪو آهي. انگريزيءَ ۾ هي ڪتاب “The Great Tang Records” نالي سان مشهور آهي. هن ڪِتاب مان متاثر ٿي هڪ ٻئي چيني ليکڪ وُو چينگ “Journey to the west” نالي ڪلاسيڪل ناول لکيو. هڪ ٻئي مشهور چيني سياح ”هيييني سيانگ“ ستين صديءَ ۾ بنارس جو دورو ڪيو. هن بنارس کي ”پولو نسي“ نالي سان سڏيو آهي ۽ هن شهر لاءِ لکيو آهي ته هن شهر ۾ 30 مندر هئا جن ۾ 30 کن ٻاوا هئا.

آڳاٽي زماني ۾ موريا گهراڻي جي راڄ دوران هي شهر پاڪستان واري ٽئڪسلا کان پتاليپترا تائين روڊ ذريعي ڳنڍيل هو. 1194ع ڌاري هي شهر قطب الدين ايبڪ ذريعي مسلمانن جي حڪومت هيٺ آيو. قطب الدين ورانسي (بنارس) جا هزارين مندر ڊهرائي ڇڏيا. مسلمانن جي ٽي صديون حڪومت ۾ هي شهر ختم ٿيندو ويو. جيتوڻيڪ تيرهين صدي ۾ افغانين جي حملي بعد ڪجهه نوان مندر به ٺهندا رهيا. ان کان پوءِ فيرو شاهه 1376ع ۾ هن شهر جي مندرن جي وري ڊاهڻ جا حڪم ڏنا ۽ سڪندر لوڌيءَ 1496ع ۾ هندو ڌرم ۽ انهن جي مندرن کي وڌڻَ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مسلمانن جي حڪومت باوجود هي شهر ڏاهن ۽ ڌرمي عالمن جو مرڪز رهيو. ان سان گڏ ڪلچر، ثقافت ۽ تعليم ۾ اڳڀرو رهيو. هن شهر ۾ ڪيترائي ڀڳتي تحريڪ جا اهم ماڻهو پيدا ٿيا. چوڏهين صديءَ ۾ ڪبير ڀڳت ته پنڌرهينءَ ۾ روي داس جهڙو درويش، شاعر، ۽ سياح، هن شهر کي ڏسڻ آيا جن مان گرو نانڪ به هڪ آهي. جيڪو 1507ع ۾ شِو راتڙي لاءِ ورانسي (بنارس) آيو هو ۽ هن ياترا سک ڌرم شروع ڪرڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو.

جتي هندستان جي مسلمان حاڪمن هندن سان انياءِ ڪيو ۽ بنارس کي ڊاهڻ جي ڪئي، اتي اڪبر جهڙي مغل شهنشاهه هن شهر کي سونهن بخشي ۽ وڌايو. اڪبر 14 نومبر تي، 1542ع ۾ ڄائو ۽ هن وڏو عرصو اٽڪل 49 سالَ 1556ع کان 1605ع تائين حڪومت ڪئي. هن بنارس ۾ ٻه تمام وڏا مندر ٺهرايا جن مان هڪ شِو ديوتا ۽ هڪ وشنو ديوتا کي ارپيا. ان کان سواءِ هن شهر جو اناپورن مندر ۽ 200 ميٽرن جي اڪبري پُل به ان دور جي ٺهيل آهي. هن دور کان هن شهر ۾ ڌارين سياحن (Tourist) جو اچڻ شروع ٿيو. شير شاهه سوريءَ واري ٺهرايل ڪلڪتي کان پشاور تائين واري رستي کي پڻ بهتر بڻايو ويو، جيڪو پوءِ انگريزن جي ڏينهن کان “Grand Trunk Road” سڏجڻ ۾ آيو ۽ اڄ به اهو ”جي ٽي روڊ“ سڏجي ٿو.

اڪبر کان پوءِ جهانگير 1605ع کان 1627ع تائين حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ شاهجهان 1627ع کان 1658ع تائين حڪومت ڪئي. جنهن کان پوءِ اٽڪل اڌ صدي 1658ع کان 1707ع تائين اورنگزيب شهنشاهه ٿي رهيو. هن بنارس ۾ مندرن جي ڀڃ ڊاهه ڪرائي. جنهن ڪري هن شهر کي ڪافي ڌڪ رسيو. اورنگزيب جي وفات کان پوءِ راجپوت ۽ مرهٽا بادشاهن هن شهر کي ترقي وٺرائي. اڄ جي ماڊرن ورانسي جو وڏو حصو ارڙهين صدي جو جڙيل آهي. برٽش راڄ 1775ع کان 1947ع ۾ به راجا مهاراجائن، خاص ڪري بنارس جي راجا جيڪو ڪاشي نريش سڏيو ويو ٿي هن شهر جو مانُ مٿانهون ڪيو. 1791ع ۾ جڏهن برطانيه جي گورنر جرنل وارين هئسٽنگس جي حڪومت هئي، بنارس ۾ سنسڪرت ڪاليج کوليو ويو. 1867ع ۾ ورانسي ميونسپل بورڊ ٺهڻ کان پوءِ شهر اڃان به وڌيڪَ تَرقي ڪئي.

  • بنارس هندو يونيورسٽي

بنارس هندو يونيورسٽي

بنارس (ورانسي) ۾ 1300 ايڪڙن تي پکڙيل ”بنارس هندو يونيورسٽي“ نه رڳو انڊيا پر ايشيا جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ ويهه هزار شاگردن جي رهائش جو بندوبست آهي، جن لاءِ 60 هاسٽلون آهن. سڄي ڪئمپس ۾ پنڌ گهمڻ ته ناممڪن آهي. مٿين ايراضي اٽڪل ساڍا پنج چورس ڪلوميٽر ٿئي ٿي. يعني ڏيڍ ڪلوميٽر ويڪر آهي ته 4 ڪلوميٽر کن ڊيگهه آهي. هي پٽ هِتي جي حڪمران گهراڻي ڪاشي نريش وقف ڪيو هو. هيءَ يونيورسٽي 1916ع ۾ ٺهي. هن يونيورسٽيءَ جي ٺهڻ ۾ ان وقت جي اهم وڪيل ۽ آزادي جي متوالي پنڊت ”مدن موهن مال ويا“ جو هٿ هو. هن قوم جي سجاڳيءَ لاءِ تعليم کي بنيادي هٿيار ٿي سمجھيو. هن مذهب ۽ ڪلچر سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڄاڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ کي پڻ ضروري سمجھيو ٿي. [1] [2]

  1. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=296
  2. ڪتاب: بنارس کان برمودا، ليکڪ: الطاف شيخ
Other Languages
Afrikaans: Benares
العربية: فاراناسي
azərbaycanca: Varanasi
تۆرکجه: بنارس
беларуская: Варанасі
български: Варанаси
भोजपुरी: बनारस
বাংলা: বারাণসী
বিষ্ণুপ্রিয়া মণিপুরী: বারানসি
brezhoneg: Varanasi
català: Benarés
нохчийн: Варанаси
کوردی: ڤاراناسی
čeština: Váránasí
Чӑвашла: Варанаси
Cymraeg: Varanasi
dansk: Varanasi
Deutsch: Varanasi
dolnoserbski: Varanasi
डोटेली: वाराणसी
Ελληνικά: Βαρανάσι
English: Varanasi
Esperanto: Varanasio
español: Benarés
eesti: Varanasi
euskara: Varanasi
فارسی: بنارس
suomi: Varanasi
français: Varanasi
गोंयची कोंकणी / Gõychi Konknni: काशी
ગુજરાતી: વારાણસી
עברית: ואראנסי
हिन्दी: वाराणसी
Fiji Hindi: Varanasi
hrvatski: Varanasi
magyar: Váránaszi
Հայերեն: Վարանասի
Bahasa Indonesia: Benares
italiano: Varanasi
ქართული: ვარანასი
ಕನ್ನಡ: ವಾರಾಣಸಿ
한국어: 바라나시
Кыргызча: Варанаси
Latina: Varanasi
Lëtzebuergesch: Varanasi
lietuvių: Varanasis
latviešu: Vārānasī
मैथिली: वाराणसी
Malagasy: Varanasi
മലയാളം: വാരാണസി
मराठी: वाराणसी
Bahasa Melayu: Varanasi, Cantonment
မြန်မာဘာသာ: ဗာရာဏသီမြို့
नेपाली: वाराणसी
नेपाल भाषा: वाराणासी
Nederlands: Benares (stad)
norsk nynorsk: Varanasi
norsk: Varanasi
ଓଡ଼ିଆ: ବାରଣାସୀ
ਪੰਜਾਬੀ: ਵਾਰਾਣਸੀ
Kapampangan: Varanasi
polski: Waranasi
پنجابی: وارانسی
پښتو: وراناسي
português: Varanasi
română: Varanasi
русский: Варанаси
संस्कृतम्: काशी
саха тыла: Варанаси
Scots: Varanasi
srpskohrvatski / српскохрватски: Varanasi
Simple English: Varanasi
slovenčina: Váránasí (mesto)
slovenščina: Varanasi
shqip: Varanasi
српски / srpski: Варанаси
svenska: Varanasi
தமிழ்: வாரணாசி
తెలుగు: కాశీ
Türkçe: Varanasi
українська: Варанасі
اردو: وارانسی
oʻzbekcha/ўзбекча: Varanasi
Tiếng Việt: Varanasi
Winaray: Varanasi
მარგალური: ვარანასი
中文: 瓦拉納西
Bân-lâm-gú: Benares (siâⁿ)
粵語: 維華拿斯