اسرائيل جي رياست

Coordinates: 31°N 35°E

اسرائيل  (/ˈɪzreɪəl/ or /ˈɪzriːəl/; Hebrew: יִשְׂרָאֵל‎ Yisrā'el; Arabic: إِسْرَائِيل‎ Isrāʼīl), سرڪاري طور تي اسرائيل جي رياست (Hebrew: מְדִינַת יִשְׂרָאֵל‎ Medīnat Yisrā'el [mediˈnat jisʁaˈʔel] ( listen); Arabic: دولة إِسْرَائِيل‎ Dawlat Isrāʼīl [dawlat ʔisraːˈʔiːl]) بحره روم (ميڊيٽيرين سمنڊ) جي ڏکڻ اوڀر جي ڪناري ۽ بحره احمر (ريڊ سي) جي اتر جي ڪناري تي وچ اوڀر جو هڪ ملڪ آهي. اسرائيل جيِ زميني سرحد ترتيبوار اُتر ۾ لبنان سان، اُتر اوڀر ۾ شام سان، اوڀر ۾ اُردن سان، اولهه جي ڪناري فلسطيني علائقن ۽ عزه جي پَٽيءَ سان ملي ٿي. نسبتن ننڍي ايراضي جي باوجود اهو جاگرافيائي طور تي اَنيڪ بناوٽ رکي ٿو. اسرائيل جو مالي ۽ ٽيڪنالوجي جو مرڪز تَل اَويوو آهي. توڻي جو ان جو اعلانيل گاديءَ جو هنڌ يوروشيلم آهي، پر ان تي، بين الاقومي طور تي اسرائيلي خودمختاري مڃيل نه آهي.

29 نومبر 1947ع تي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ، فلسطين جي لاءِ هڪ لازمي ورهاڱي جي منصوبي جي منظوري ڏني. جنهن ۾ نئين عرب ۽ يهودي رياستن جي مقرر ڪيل سرحدن ۽ يوروشيلم جو انتظام گڏيل قومن جي عالمي عملداري هيٺ ڏيڻ جو ذڪر ٿيل هو. 14 مئي 1948ع تي رات جو وچ ڌاري فلسطين تي برطانوي اختيار جي خاتمي لاءِ مقرر ڪيو ويو. ان ڏينهن ڊيوڊ بين گوريان، صيهوني (يهودين کي فلسطين ۾ آباد ڪرڻ جو حامي) تنطيم ۽ فلسطين جي يهودي ايجنسي جي انتظامي سربراهه جي طور تي، برطانوي مينڊيٽ جي خاتمي کان پوءِ اسرائيل جي هڪ يهودي رياست جي قيام جو اعلان ڪيو، جيڪا اسرائيل جي رياست جي نالي سان ڄاتي وڃي ٿي. نئين رياست جي حدن جي اعلان ۾ ڪا به وضاحت نه ڪئي وئي. پاڙيسري عرب لشڪرن ٻئي ڏينهن ختم ٿيل برطانوي مينڊيٽ تي حملو ڪيو ۽ اسرائيلي فوجن سان جنگ ڪئي. تڏهن کان پاڙيسري عرب رياستن سان جنگين جي سلسلي ۾ اولهه ڪناري (ويسٽ بينڪ)، اُپٻيٽ جهڙي سينا ٻيٽ (1956–57، 1967–82) ۽ ڏکڻ لبنان جي ڪجهه حصي (1982–2000)، غذا جي پَٽي (1967–2005); تي قبضو ڪري ورتو، 2005ع کان پوءِ غزا جي پٽيءَ کي ڇڏڻ کان پوءِ به، عزا ۽ گولان جبلن تي ان جو قبضو تصور ڪريو وڃي ٿو. اسرائيل گولان جي جبلن ۽ اوڀر يوروشيلم تائين پنهنجي اختيارن کي وڌائي ڇڏيو آهي پر اولهه جي ڪناري (ويسٽ بينڪ) تي پنهنجي اختيارن کي عمل ۾ نه آندو آهي. اسرائيل فلسطين مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن جو نتيجو ڪڏهن به امن جي صورت ۾ نه نڪتو آهي. تنهن هوندي به اسرائيل ۽ مصر ۽ اردن، ٻنهي سان امن معاهدن تي ڪاميابيءَ سان صحيون ڪري چڪو آهي. غزه، اولهه جي ڪناري ۽ اوڀر يوروشيلم تي اسرائيلي فوجي قبضو، جديد دور جي دنيا جو ڊگهو ترين قبضو آهي.

اسرائيل جي سينٽرل بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي اندازي موجب اسرائيل جي آبادي 2016ع ۾ 8،502،900 آهي. 6,363,700 شهرين ۽ 74.9 سيڪڙو  يهوي آبادي سان دنيا جي واحد يهودي رياست آهي. ملڪ جي شهرين جو ٻيو سڀ کان وڏو گروپ 1,766,500 جي ڳاڻيٽي سان (دروز ۽ اوڀر يوروشيلم جي عربن سميت) عربن کي ظاهر ڪري ٿو. اسرائيلي عربن جي وڏي اڪثريت سني مسلمانن، نيم بندوبستي Negev Bedouins پڻ وڏي ڳاڻيٽي ۾ آهن ۽ باقي عيسائي ۽ دَروز آهن. ٻين اقليتن ۾ آرامي، اَشوري، سميري، آرميني، سِرڪاسينس، ڊام آبادي ۽ ويٽنامي اقليت شامل آهي. اسرائيل، آفريڪا ۽ ايشيا جي ڪارن عبراني اسرائيلين سميت، سوڊان، اريٽريا ۽  نيم صحرائي آفريڪا جي غير قانوني مهاجرن، شهريت نه رکندڙ پرڏيهي ڪم ڪندڙن، آفريڪا ۽ ايشيا مان پناهه لاءِ آيلن جي چڱي ڀلي آباديءَ جي پڻ ميزباني ڪري ٿو.

پنهنجي بنيادي قانون ۾، اسرائيل پاڻ کي يهودي ۽ جمهوري رياست جي وصف طور بيان ڪري ٿو. اسرائيل، متناسب نمائندگي ۽ ووٽ جي ذريعي راءِ ڏيڻ تحت نمائينده پارلياماني جمهوريت آهي. وزير اعظم حڪومت جي سربراهه ۽ ڪنيسٽ (Knesset) قانون ساز مجلس جي طور ڪم ڪري ٿي. اسرائيل، 2015ع جي مجموعي قومي پيداوار تحت دنيا جي 35 وڏي معشيت سان OECD جي جو ميمبر ۽ ترقي ڪيل ملڪ آهي. اسرائيل وڏي هنرمند افرادي قوت مان فائدا ماڻيندڙ ۽ تمام گهڻي تعيلم پرايل ملڪن ۾ سڀني کان اوچي تناسب جي حساب سان تعليم جي ڊگريون رکندڙ ملڪن مان هڪ آهي.

  • بڻ بنياد

بڻ بنياد

Merneptah Stele جي (13 صدي قبل مسيح) هيروغليفس سيٽ جي ريڪارڊ جو ترجمو بائيبل جي آثار قديمه جي اڪثريت اسرائيل ڪيو آهي.
Other Languages
Acèh: Israèl
адыгабзэ: Исраил
Afrikaans: Israel
Alemannisch: Israel
አማርኛ: እስራኤል
aragonés: Israel
Ænglisc: Israhēl
العربية: إسرائيل
ܐܪܡܝܐ: ܐܝܣܪܐܝܠ
مصرى: اسرائيل
অসমীয়া: ইজৰাইল
asturianu: Israel
azərbaycanca: İsrail
تۆرکجه: ايسرائيل
башҡортса: Израиль
Boarisch: Israel
žemaitėška: Izraelis
Bikol Central: Israel
беларуская: Ізраіль
беларуская (тарашкевіца)‎: Ізраіль
български: Израел
भोजपुरी: इजराइल
bamanankan: Israil
বাংলা: ইসরায়েল
বিষ্ণুপ্রিয়া মণিপুরী: ইসরাইল
brezhoneg: Israel
bosanski: Izrael
буряад: Израиль
català: Israel
Chavacano de Zamboanga: Israel
Mìng-dĕ̤ng-ngṳ̄: Ī-sáik-liĕk
нохчийн: Израиль
Cebuano: Israel
ᏣᎳᎩ: ᎢᏏᎵᏱ
کوردی: ئیسرائیل
corsu: Israele
qırımtatarca: İsrail
čeština: Izrael
kaszëbsczi: Izrael
словѣньскъ / ⰔⰎⰑⰂⰡⰐⰠⰔⰍⰟ: Їꙁдраил҄ь
Чӑвашла: Израиль
Cymraeg: Israel
dansk: Israel
Deutsch: Israel
Zazaki: İsrail
dolnoserbski: Israel
डोटेली: इजरायल
ދިވެހިބަސް: އިސްރާއީލު
Ελληνικά: Ισραήλ
English: Israel
Esperanto: Israelo
español: Israel
eesti: Iisrael
euskara: Israel
estremeñu: Israel
فارسی: اسرائیل
suomi: Israel
Võro: Iisrael
Na Vosa Vakaviti: Isireli
føroyskt: Ísrael
français: Israël
arpetan: Israèl
Nordfriisk: Israel
Frysk: Israel
Gaeilge: Iosrael
Gagauz: İsrail
贛語: 以色列
Gàidhlig: Iosrael
galego: Israel
Avañe'ẽ: Israel
गोंयची कोंकणी / Gõychi Konknni: इस्राएल
𐌲𐌿𐍄𐌹𐍃𐌺: 𐌹𐍃𐍂𐌰𐌴𐌻
ગુજરાતી: ઈઝરાયલ
Gaelg: Israel
Hausa: Isra'ila
客家語/Hak-kâ-ngî: Yî-set-lie̍t
Hawaiʻi: ʻIseraʻela
עברית: ישראל
हिन्दी: इज़राइल
Fiji Hindi: Israel
hrvatski: Izrael
hornjoserbsce: Israel
Kreyòl ayisyen: Izrayèl
magyar: Izrael
Հայերեն: Իսրայել
interlingua: Israel
Bahasa Indonesia: Israel
Interlingue: Israel
Igbo: Israel
Ilokano: Israel
Ido: Israel
íslenska: Ísrael
italiano: Israele
日本語: イスラエル
Patois: Izrel
la .lojban.: brogu'e
Basa Jawa: Israèl
ქართული: ისრაელი
Qaraqalpaqsha: İzrail
Taqbaylit: Israyil
Адыгэбзэ: Исраел
Kabɩyɛ: Izrɛɛlɩ
Kongo: Israel
Gĩkũyũ: Israel
қазақша: Израиль
kalaallisut: Israel
ភាសាខ្មែរ: អ៊ីស្រាអែល
ಕನ್ನಡ: ಇಸ್ರೇಲ್
한국어: 이스라엘
Перем Коми: Исраэль
Ripoarisch: Israel
kurdî: Îsraêl
коми: Израиль
kernowek: Ysrael
Кыргызча: Асрайыл
Latina: Israël
Ladino: Israel
Lëtzebuergesch: Israel
лезги: Израиль
Limburgs: Israël
Ligure: Isræ
lumbaart: Israel
lingála: Israel
لۊری شومالی: إسرائيل
lietuvių: Izraelis
latviešu: Izraēla
मैथिली: इजरायल
мокшень: Израиль
Malagasy: Isiraely
Māori: Iharaira
македонски: Израел
മലയാളം: ഇസ്രയേൽ
монгол: Израиль
मराठी: इस्रायल
Bahasa Melayu: Israel
Malti: Iżrael
Mirandés: Eisrael
မြန်မာဘာသာ: အစ္စရေးနိုင်ငံ
مازِرونی: اسرائیل
Dorerin Naoero: Iteraer
Nāhuatl: Israel
Napulitano: Israele
Plattdüütsch: Israel
Nedersaksies: Israël
नेपाली: इजरायल
नेपाल भाषा: इजरायल
Nederlands: Israël
norsk nynorsk: Israel
norsk: Israel
Novial: Israel
Sesotho sa Leboa: Israel
occitan: Israèl
Livvinkarjala: Izrail
Oromoo: Isiraa'el
ଓଡ଼ିଆ: ଇସ୍ରାଏଲ
Ирон: Израиль
ਪੰਜਾਬੀ: ਇਜ਼ਰਾਇਲ
Kapampangan: Israel
Papiamentu: Israel
Pälzisch: Israel
पालि: इस्रैल
Norfuk / Pitkern: Esrail
polski: Izrael
Piemontèis: Israel
پنجابی: اسرائیل
Ποντιακά: Ισραήλ
پښتو: اسرائيل
português: Israel
Runa Simi: Israyil
Romani: Israel
română: Israel
armãneashti: Israel
tarandíne: Isdraele
русский: Израиль
русиньскый: Ізраіль
Kinyarwanda: Isirayeli
संस्कृतम्: इजराइल
саха тыла: Исраил
sardu: Israele
sicilianu: Israeli
Scots: Israel
davvisámegiella: Israel
srpskohrvatski / српскохрватски: Izrael
Simple English: Israel
slovenčina: Izrael
slovenščina: Izrael
Gagana Samoa: Isalaeru
chiShona: Israel
Soomaaliga: Israaiil
shqip: Izraeli
српски / srpski: Израел
Sranantongo: Israel
SiSwati: Ka-Israyeli
Seeltersk: Israel
Basa Sunda: Israél
svenska: Israel
Kiswahili: Israel
ślůnski: Izrael
தமிழ்: இசுரேல்
ತುಳು: ಇಸ್ರೇಲ್
తెలుగు: ఇజ్రాయిల్
tetun: Izraél
тоҷикӣ: Исроил
Türkmençe: Ysraýyl
Tagalog: Israel
Tok Pisin: Israel
Türkçe: İsrail
татарча/tatarça: Исраил
chiTumbuka: Israel
удмурт: Израиль
ئۇيغۇرچە / Uyghurche: ئىسرائىلىيە
українська: Ізраїль
اردو: اسرائیل
oʻzbekcha/ўзбекча: Isroil
vèneto: Israełe
vepsän kel’: Izrail'
Tiếng Việt: Israel
West-Vlams: Israël
Volapük: Yisraelän
Winaray: Israel
Wolof: Israayil
吴语: 以色列
მარგალური: ისრაელი
ייִדיש: ישראל
Yorùbá: Ísráẹ́lì
Vahcuengh: Israel
Zeêuws: Israël
中文: 以色列
文言: 以色列
Bân-lâm-gú: Í-sek-lia̍t
粵語: 以色列
isiZulu: Isreyili