اجمير

راجستان (ڀارت) جو هڪ شهر ۽ علائقو. -اجمير- شهر جو بنياد راجپوت راجا اجيه چوهاڻ 1100ع جي دور ۾ رکيو. هيءُ شهر شهاب الدين غوريءَ 1192ع ۾ فتح ڪيو. شهنشاهه اڪبر پنهنجي شروعاتي سالن ۾ -اجمير- کي پنهنجي مملڪت ۾ شامل ڪيو. هن -اجمير- ۾ هڪ قلعو ۽ محلات ٺهرايو، جنهن کي هاڻي ڀارتي سرڪار ميوزيم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. -اڪبر بادشاهه- ننڍي کنڊ جي مشهور صوفي اولياءَ خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار جي زيارت لاءِ گهڻائي ڀيرا سفر ڪيو. -اجمير- جو شهر اهم زيارت گاهه آهي. اجمير پنهنجي اسلامي آثارن، عمارتن خاص ڪري حضرت خواجه معين الدين چشتيءَ جي مقبري کان مشهور آهي. اُهو مقبرو مالوا جي سلطانن 1455ع جي لڳ ڀڳ تعمير ڪرايو هو. جيتوڻيڪ ٻيون عمارتون پوءِ ٺهيون، -جن- ۾ ٻه مسجدون، اڪبر ۽ شاهجهان جون ٺهرايل آهن، هڪڙي عمارت اڍائي ڏينهن جو جهوپڙو آهي، جيڪا دراصل درسگاهه هئي، جنهن کي پوءِ مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو. ٻيون تاريخي جايون، -جن- ۾ اڪبر جو ٺهرايل ’قلعو -بند- قصر‘، جهانگير جو ٺهرايل -باغ- ۽ شاهجهان جي اڏايل اناساگر جي -بند- تي واقع ’مرمري ڪوشڪ‘ شامل آهن. سنڌ جي حڪمرانن توڙي عام عقيدتمندن پڻ -اجمير- شهر ۾ ڪندوريءَ جون ديڳيون، اوطاقون ۽ اوتارا درگاهه جي لاءِ وقف ڪيا، -جن- مان مشهور ڪافي گو شاعر مصري شاهه جو نالو قابل ذڪر آهي. -ان- کان سواءِ ڪيترا عقيدتمند هرسال سالياني عرس جي موقعي تي -اجمير- شريف ويندا رهندا آهن. سنڌ جو مرد مجاهد ۽ -تحريڪ خلافت- جو اڳواڻ بئريسٽر جان محمد جوڻيجو به -اجمير- جي درگاهه جي ڀر ۾ دفن آهي.[1][2]

Other Languages
العربية: أجمير
تۆرکجه: اجمیر
भोजपुरी: अजमेर
বাংলা: অজমের
বিষ্ণুপ্রিয়া মণিপুরী: আজমির
català: Ajmer
čeština: Adžmér
Deutsch: Ajmer
English: Ajmer
Esperanto: Aĝmer
español: Ajmer
فارسی: اجمیر
suomi: Ajmer
français: Ajmer
गोंयची कोंकणी / Gõychi Konknni: अजमेर
ગુજરાતી: અજમેર
हिन्दी: अजमेर
magyar: Ádzsmír
italiano: Ajmer
ქართული: აჯმერი
ಕನ್ನಡ: ಅಜ್ಮೇರ್
한국어: 아지메르
lietuvių: Adžmeras
latviešu: Adžmera
मैथिली: अजमेर
Malagasy: Ajmer
Baso Minangkabau: Ajmer
മലയാളം: അജ്മീർ
मराठी: अजमेर
Bahasa Melayu: Ajmer
नेपाल भाषा: अजमेर
Nederlands: Ajmer (stad)
norsk: Ajmer
ଓଡ଼ିଆ: ଆଜମେର
ਪੰਜਾਬੀ: ਅਜਮੇਰ
Kapampangan: Ajmer
polski: Adźmer
پنجابی: اجمیر
پښتو: اجمېر
português: Ajmer
русский: Аджмер
संस्कृतम्: अजमेर
Scots: Ajmer
srpskohrvatski / српскохрватски: Ajmer
Simple English: Ajmer
slovenčina: Adžmér
српски / srpski: Аџмер
svenska: Ajmer
தமிழ்: அஜ்மீர்
తెలుగు: అజ్మీర్
тоҷикӣ: Аҷмир
Türkçe: Ajmer
українська: Аджмер
اردو: اجمیر
oʻzbekcha/ўзбекча: Ajmer
Tiếng Việt: Ajmer
Winaray: Ajmer
მარგალური: აჯმერი
中文: 阿杰梅尔
Bân-lâm-gú: Ajmer (siâⁿ)