ائٽم بم

ائٽم بم هڪ جنگي هٿيار آهي. انهيءَ جي تياري اهڙي اصول تي ٻڌل آهي ته جيڪڏهن ”فشن چين ريئيڪشن“ يعني ”ائٽم جي اُمکڻ جو لاڳيتو ردعمل“ شروع ٿئي ۽ بنا ضابطي جي جاري رهي، ته بي انداز گرميءَ جو مقدار خارج ٿئي ٿو. يورينيم جي مايي جا ٻه سب ڪرٽيڪل (sub critical) مايا خالي ٽيوب جي ٻن ڇيڙن تي رکجن ٿا. جڏهن به بم استعمال ڪرڻو هوندو آهي ته ٻنهي ڇيڙن تي رکيل ماين کي ڪنهن ڌماڪي خيز مايي وسيلي پاڻ ۾ ملائڻ سان ڪِرٽيڪل مايو ٺهي پوي ٿو، جنهنڪري بي ضابطه فشن چين ائڪشن شروع ٿيڻ جي ڪري بم ڦاٽي پوي ٿو. ائٽم بم جي ڦاٽڻ ڪري ايتري ته گرمي پيدا ٿئي ٿي جو انهيءَ سان سڄو هڪ ننڍو شهر تباهه ٿي وڃي ٿو. ائٽم بم يورينيم ۽ پلاٽينيم جهڙن وزني ڌاتن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن جي ڦاٽڻ سان تمام وڏو ڌماڪو ٿيندو آهي ۽ ڪيترن ئي ميلن جو علائقو هر شيءِ سميت تباهه ٿي ويندو آهي. هوا ۾ اٿندڙ دونهي سان گهيري ۾ آيل سمورا جاندار مري ويندا آهن ۽ وڻ زهريلا ٿي پوندا آهن. بم ڦاٽڻ ۾ هڪ سيڪنڊ کان به گهٽ وقت لڳندو آهي.
ائٽم بم آئن اسٽائن ايجاد ڪيو هو. ان جو پهريون تجربو 16 جولاءِ 1945ع تي آمريڪا جي علائقي نيو ميڪسيڪو ۾ ڪيو ويو هو، ۽ ان کان پوءِ ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ڇهين آگسٽ 1945ع تي جاپان جي شهر هيروشيما تي اڇليو ويو. ان بم جو وزن نو هزار پائونڊ (20,000 ٽن) هو ۽ ان بم جو نالو ”لٽل بواءِ“ هو، جيڪو 600 ميٽرن جي اوچائيءَ تان اڇليو ويو هو، جنهن سان هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو مئا ۽ ايترا زخمي ٿيا هئا. 9 آگسٽ 1945ع تي ٻيو بم به جاپان جي شهر ناگاساڪيءَ تي ”نئٽ بواءِ“ معنيٰ ”ٿلهي ڇوڪري“ جي نالي سان اڇليو ويو، جنهن ۾ اٽڪل هڪ لک ماڻهو مئا ۽ زخمي ٿيا هئا. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ روس، انڊيا، چين، اسرائيل وغيره ائٽم بم ٺاهيا.جڏهن ائٽم بم ٺاهيو ويو، تڏهن آئن اسٽائن جو خيال هو ته ائٽم کي توانائيءَ ۾ منتقل ڪيو ويندو، پر پوءِ ائٽم بم جي ٺاهيندڙ، آئن اسٽائن، ان وقت پڇتايو هو، جڏهن آمريڪا، ائٽم بم هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي استعمال ڪري، هن جي ايجاد کي انسان ذات جي ڀلائيءَ بجاءِ ان لاءِ هاڃيڪاريءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.[1]

Other Languages
Afrikaans: Kernwapen
Alemannisch: Kernwaffe
aragonés: Arma nucleyar
العربية: سلاح نووي
asturianu: Arma nuclear
azərbaycanca: Nüvə silahı
башҡортса: Ядро ҡоралы
žemaitėška: Kondoulėnis gėnklos
беларуская: Ядзерная зброя
беларуская (тарашкевіца)‎: Ядзерная зброя
български: Ядрено оръжие
brezhoneg: Arm nukleel
català: Arma nuclear
čeština: Jaderná zbraň
Cymraeg: Arf niwclear
Deutsch: Kernwaffe
Ελληνικά: Πυρηνικό όπλο
Esperanto: Atombombo
español: Arma nuclear
eesti: Tuumarelv
euskara: Bonba nuklear
suomi: Ydinase
français: Arme nucléaire
Frysk: Kearnwapen
贛語: 核武器
galego: Arma nuclear
गोंयची कोंकणी / Gõychi Konknni: अणुबॉंब
हिन्दी: परमाणु बम
interlingua: Arma nuclear
Bahasa Indonesia: Senjata nuklir
íslenska: Kjarnorkuvopn
italiano: Arma nucleare
日本語: 核兵器
Basa Jawa: Gaman nuklir
қазақша: Ядролық қару
한국어: 핵무기
Кыргызча: Ядролук курал
Lëtzebuergesch: Atomwaff
latviešu: Kodolieroči
македонски: Нуклеарно оружје
മലയാളം: ആണവായുധം
Bahasa Melayu: Senjata nuklear
မြန်မာဘာသာ: အဏုမြူ လက်နက်
नेपाली: परमाणु बम
नेपाल भाषा: आणविक ल्वाभः
Nederlands: Kernwapen
norsk nynorsk: Atomvåpen
occitan: Arma nucleara
ਪੰਜਾਬੀ: ਨਿਊਕਲੀ ਬੰਬ
Pälzisch: Kernwaffe
پنجابی: ایٹم بمب
português: Bomba nuclear
română: Armă nucleară
संस्कृतम्: अण्वस्त्रम्
srpskohrvatski / српскохрватски: Nuklearno oružje
Simple English: Nuclear weapon
slovenčina: Jadrová zbraň
slovenščina: Jedrsko orožje
српски / srpski: Нуклеарно оружје
Seeltersk: Käädenwoape
Basa Sunda: Pakarang nuklir
svenska: Kärnvapen
Kiswahili: Bomu la nyuklia
తెలుగు: అణ్వాయుధం
Türkçe: Nükleer silah
татарча/tatarça: Атом-төш коралы
українська: Ядерна зброя
oʻzbekcha/ўзбекча: Yadro quroli
Tiếng Việt: Vũ khí hạt nhân
吴语: 核武器
中文: 核武器
Bân-lâm-gú: He̍k-chú bú-khì
粵語: 核武